گڏهه،مانجھند انتظاميا ۽ حادثا

0
64
گڏهه،مانجھند انتظاميا ۽ حادثا

 گڏھن جو مسئلو اھو آھي ته ڪجھه ٽائيم اڳ ھڪ گڏھن جي گاڏي مانجھند مان  ڀري سن ۾ گڏهن کي ڇڏيو ويو، سن وارن وري ڇا ڪيو جو انھن مان ڪجھه گڏھه اسان جي اسٽاپ شالماڻي ڇڏيا هئا، انھن گڏھن جي ڪري شالماڻي ۾ روڊ حادثن به ٿين ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ به ھڪ گڏھن کي ڀريل گاڏي شالماڻي لاھڻ جي ڪوشش ڪئي، پڇڻ تي خبر پئي اھي گڏھه مانجھند کان کڻي آيا ھئا ان ڪري جو مانجھد شھر ۾ گڏھه گھڻا آھن اھي گڏھن کي کڻي ٻين شھرن ۾ ڇڏيندا وتن، شالماڻي ته مين روڊ آهي ان ڪري اھي گڏھه حادثن جو سبب بڻجن ٿا، انھن گاڏي وارن ڏي وياسين پوءِ چيائون اتي گڏهه نٿا لاھيون، قاضي احمد کڻي ٿا وڃون پر انھن جو ارادو  اتي ئي لاھڻ جو لڳو. ڀلا مانجھند ۾ گھڻا گڏھه آھن ته ان ۾ سن، شالماڻي يا ٻين شھر وارن جو ڪھڙو ڏوھه جو گاڏيون ڀري ھيڏانهن موڪليون وڃن ٿيون. انھن جي ڪري ڪو جاني نقصان ٿئي ته ايف آءِ آر مانجھند جي ٽي،ايم،او خلاف داخل ڪئي وڃي. ھي ھڪ وڏو مسئلو آهي. اختيارين کي گزارش آھي ته جيڪي ھي ڪم ڪري رھيون آھن ته پنھنجي ملڪيت پاڻ وٽ رکو اسان کي توھان جي ٽنگن ڦريل مخلوق جي ضرورت ناھي.(فيس بوڪ وال تان ورتل)