حيدرآباد(رپورٽ: فيض کوسو) موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکي ڪوٽڙي بئراج جي ماڊل اسٽڊي سان گڏ رور ٽريننگ ورڪ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ماڊل اسٽڊي ۾ بئراج جي ڊزائين ڪيپيسٽي کان وڌيڪ پاڻي جي صورت ۾ بئراج کي ٻوڏ جي پاڻي کان بچائي اضافي پاڻي کي نئين چينل ذريعي بئراج کان باءِ پاس ڪرائي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي رٿا به شامل هوندي. بئراج جي ماڊل اسٽڊي ۽ ٽريننگ ورڪ سميت ٻيا ترقياتي ڪم ورلڊ بئنڪ جي فنڊنگ سان هلندڙ سنڌ بئراجز امپروومينٽ پراجيڪٽ ذريعي ڪرايا ويندا. سنڌ بئراجز امپروومينٽ براجيڪٽ تحت گڊو ۽ سکر بئراجن جي بحالي جو ڪم اڳ ئي هلندڙ آهي. ڪوٽڙي بئراج جي ماڊل اسٽڊي ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ورلڊ بئنڪ جي نمائندي فرانسو حيدرآباد پهچي چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج حاجي خان جمالي سان گڏجاڻي ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ورلڊ بئنڪ جي ٽيم کي ڪوٽڙي بئراج جي ماڊل اسٽڊي سميت ٻين ترقياتي ڪمن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌو درياهه جو ڪوٽڙي بئراج وٽ وهڪرو صرف کاٻي طرف آهي ۽ کاٻي پاسي طرف دروازن سان لڳي پاڻي ساڄي طرف وهڪرو ڪري ٿو جنهن جي ڪري بئراج جي صحت تي منفي اثر پوڻ جو خدشو آهي. ان وهڪري جي ڪري بئراج ۾ سلٽ جو مسئلو به پيدا ٿي پيو آهي ان ڪري کاٻي پاسي کان رور ٽريننگ ورڪ ڪرايو وڃي ته جيئن پاڻي جو وهڪرو هڪ طرف ۽ اولهه کان اوڀر طرف وڃڻ بدران اهو پاڻي وچ تان گذري ته جيئن سلٽ نڪرندي رهي. ذريعن موجب گذريل سال ٻوڏ جي ڪري درياهه بئراج جي سامهون کڏ پيدا ڪئي جنهن جي ڪري بئراج جي اڳيان فرش ۽ لڳل لوهي پليٽن کي نقصان جو خدشو پيدا ٿيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪوٽڙي بئراج جي ڊزائين ڪيپسٽي 8 لک 75 هزار ڪيوسڪ آهي. 1956ع ۾ 9 لک 81 هزار ڪيوسڪ ۽ 2010ع دوران 9 لک 64 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذريو. هن سال ٻوڏ واري پاڻي سان گڏ منڇر مان به ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ٿيو جنهن ڪري خدشو آهي ته جيڪڏهن هڪ ئي وقت 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي پهتو ته اهو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿيو ان ڪري اضافي پاڻي کي باءِ پاس چينل ذريعي نيڪال ڪري بئراج کي بچايو وڃي. اجلاس ۾ تجويز ڪيو ويو ته ماڊل اسٽڊي ۾ اڀياس ڪيو وڃي ته جيڪڏهن ڊزائين ڪيپسٽي کان وڌيڪ پاڻي ڪوٽڙي بئراج وٽ پهچي ته اهو ڪهڙا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ايمرجنسي ويئر جوڙي جيڪڏهن پاڻي باءِ پاس چينل ذريعي بئراج وٽان گذاري ٻيهر سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪجي ته اهو باءِ پاس چينل ۽ ايمرجنسي ويئر ڪهڙي هنڌ تعمير ڪيو وڃي. بندن جي اوچائي ڪيتري هجڻ گهرجي. ذريعن موجب ورلڊ بئنڪ جي ٽيم ڪوٽڙي بئراج جي ماڊل اسٽڊي، اسٽون ڊمپنگ، بئراج جي اڳيان واري فرش جي اڏاوت ۽ دروازن ڀرسان 2 فٽ ڪانڪريٽ ڪور وارا ڪم ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن لاءِ ٽي او آرز به تيار ڪيا پيا وڃن. ٽي او آرز جي منظوري کانپوءِ ڪوٽڙي بئراج جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو.