گڊو ۽ سکر بئراجز وٽ وھڪرن ۾ معمولي واڌ، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 57 سيڪڙو ٿي وئي، مختلف شھرن ۾ مظاھرا

0
225
گڊو ۽ سکر بئراجز وٽ وھڪرن

ڪراچي: گڊو ۽ سکر بئراجز وٽ وهڪرن ۾ معمولي واڌ کانپوءِ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 57 سيڪڙو ٿي وئي آھي، ڪوٽڙي وٽ کوٽ 70 سيڪڙو کان به وڌي وڃڻ جو خدشو ظاهرڪيو ويو آھي

 گڊو وٽ وهڪرن ۾ واڌ بعد ڪئنالز  پاڻيءَ جي کڻت شروع ڪري ڇڏي، گڊو وٽ پاڻيءَ جي کوٽ 90 سيڪڙو، سکر  وٽ 47 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 68 سيڪڙو ريڪارڊ ڪيو ويو

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف شھرن ۾ آبادگارن، ھارين توڙي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن پاران احتجاجي مظاھرن جو سلسلو جاري آھي، مختلف شھرن ۾ شاخن ۽ واھن ۾ واري اڏامي رھي آھي، مال لاءِ بھ پاڻي ڪونھي، مالوند سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن