گڊو (ن پ ا) گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 747 ميگاواٽ کي آئوٽ آف سورس ڪري ٽينڊر جاري ڪرڻ ۽ 600 ميگاواٽ 415 ميگاواٽ جي جنريشن لائسنس جي بحالي لاءِ هائيڊرو يونين جي سڏ تي سوين ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري چيف ايگزيڪيوٽو آفيس جي گيٽ وٽ ريجنل چيئرمين خادم حسين بوهڙ، دوست ڏاهاڻي، هدايت الله سومرو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. پيپلز پارٽي، ايس ٽي پي، تحريڪ انصاف، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سميت اڳوڻي ٽائون چيئرمين مهراب مزاري، ڪائونسلر مظفر مزاري، فقير محمد ميراڻي، رفيق چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفدن جي صورت ۾ ڌرڻي ۾ شامل ٿيا. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار آءِ  ايم ايف جي فرمائش تي گڊو ٿرمل جي 747 کي آئوٽ آف سورس ڪرڻ چاهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته گڊو ٿرمل جي 600 ميگاواٽ ۽ 415 ميگاواٽ جا جنريشن لائيسنس 2023 ۾ ختم ٿيڻ وارا آهن.  اسان جو مطالبو آهي منافعي بخش يونٽن جا لائسنس بحال ڪري ملڪ جي ادارن توڙي مزدورن کي فاڪاڪشي کان بچايو وڃي. ريجنل چيئرمين خادم بوهڙ اعلان ڪيو ته  ٽينڊر کلڻ واري ڏينهن 18 جنوري تي به احتجاج ڪبو. حڪومت اسان جي احتجاج جو نوٽيس نه ورتو ته 18 جنوري تي حڪمت عملي جوڙي اعلان ڪنداسين.