گڊو (رپورٽ: محمد علي ڪلوڙ) گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 747 ميگاواٽ کي آئوٽ آف سورس ڪرڻ، 600 ۽ 415 ميگاواٽ جي جنريشن لائيسنس جي بحالي لاءِ هائيڊرو يونين جي سڏ تي سوين ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري چيف ايگزيڪيوٽو آفيس اڳيان ريجنل چيئرمين خادم حسين بوهڙ، دوست علي ڏاهاڻي، هدايت الله سومرو، محمد سليم ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار آءِ ايم ايف جي فرمائش تحت منافعي بخش گڊو ٿرمل جي 747 کي آئوٽ آف سورس ڪرڻ چاهي ٿي. حڪومتي فيصلي خلاف احتجاج ڪري ملڪي ادارن کي بچائڻ چاهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته گڊو ٿرمل جي 600 ميگاواٽ ۽ 415 ميگاواٽ جا جنريشن لائيسنس 2023 ۾ ختم ٿيڻ وارا آهن اسان جو مطالبو آهي منافعي بخش يونٽن جا لائيسنس بحال ڪري ملڪ جي ادارن توڙي مزدورن کي فاڪاڪشي کان بچايو وڃي، ريجنل چيئرمين خادم حسين بوهڙ اعلان ڪيو ته 747 ميگاواٽ کي آئوٽ آف سورس ٿيڻ واري عمل خلاف ٽينڊر ۾ حصو وٺندڙن جي رستا روڪ ڪئي ويندي ۽ 30 ڊسمبر تي ٽينڊر اوپننگ لاءِ ايندڙن جي رستا روڪ لاءِ پڻ ڌرڻو هنيو ويندو.