ڪشمور(رپورٽ: ايم شريف ڄامڙو) گڊو بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ بعد پاڻي وھڪرا 3 لک 60 ھزار ڪيوسڪ کان وڌي ويا، ايل ايم بند، آر ايم بند، ڀنگ بچاءَ بند، بي  ايس فيڊر جا ڪپر ڪمزور ھئڻ ڪري ھنڌان ھنڌان بندن جون ڀڪون ڪرڻ لڳيون آهن. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت بندن کي ڪاٺيون ڏئي پڪو ڪري چوڪيداري ڪرڻ ۾ مصروف آهن، آرڊي 45 ۽ آرڊي 17 وٽ بي ايس فيڊر جي ڪپرن جون ڀڪون ڪرڻ لڳيون.ٻئي پاسي چيف انجنيئر گڊو بئراج محمد اسحاق عباسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آبڪلاڻي جي مند چڙهي وڃڻ ڪري بندن جي پچنگ نه ٿي سگهي آهي، ڪوتاھي ڪندڙ آبپاشي عملدارن کان پڇاڻو ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪبي، بندن جي مضبوطي لاءِ لاڳاپيل آبپاشي عملي کي ھدايتون ڏنيون آهن، سال 2010 جي مھا ٻوڏ ۾ به 11 لک ڪيوسڪ پاڻي گڊو بئراج وٽان ڪراس ٿيو هو، موجوده صورتحال ۾ 4 کان 7 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي ڪنٽرول ۾ آهي. بنا ڪنهن نقصان جي گذري ويندو.