گڊو (رپورٽ: محمد علي ڪلوڙ) گڊو ۾ سالي هٿان پسند جو پرڻو ڪندڙ ڀيڻيوو نماز بهاني گهران سڏي گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب شهر جي ڪلوڙ محلي ۾ سالي فهد علي پسند جو پرڻو ڪندڙ پنهنجي ڀيڻيوي عطاءُ الله ميراڻي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته مڇي جي واپاري عطاءُ الله ميراڻي 7 سال اڳ پنجاب جي جلال پور پيرانوالا واري علائقي جي رھواسڻ صادقه بيبي سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، ڪالهه سندس سالي فهد علي روگهو صبح جو سوير نماز پڙهڻ بَھاني گهران سڏي ٻاھر وٺي وڃي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، فائر جو آواز ٻڌڻ تي پاڙي جي ماڻهن گهر کان ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڀني پاڙي وارن جا دروازا ٻاھر کان بند پيل ھئا، بعد ۾ علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي مقتول واپاري جو لاش تعلقه اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي ڀاءُ زاھد ميراڻي چيو ته سندس قتل ٿي ويل مڇي جي واپاري ڀاءُ صادقه روگهو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، ڀاءُ ڳوٺ ڇڏي گڊو جي ڪلوڙ محلي ۾ ڪرائي جو گهر وٺي مڇي جو ڪاروبار ڪري گذر سفر ڪندو هو، 2 ڏينهن اڳ مقتول ڀاءُ جو سالو فھد روگهو پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ لاءِ گڊو آيو هو، جنهن ڪار سوار ٻن ساٿين سان گڏجي کيس قتل ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.