گڊو (ن پ ا) گڊو بيراج انڊس ھاءِ وي تي موٽر سائيڪل ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 14ورھين جو عبدالرحمان ۽ 15 ورھين جو فرمان مزاري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي موقعي تي موجود ماڻھن گڊو جي نجي سپتال پھچايو، جتان کين رحيميار خان اسپتال نيو ويو.