گپچاڻي (ن پ ا) جھيمل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف مسلسل ڪيل  احتجاج رنگ لاتو،  ڊي سي شھيد بينظير آباد نوٽيس ورتو، آبادگارن ۽ آبپاشي عملدارن ۾ ڳالھيون، ان ڏس ۾  جھيمل شاخ جي آبادگار اڳواڻن محمد مريد کوسو، علي نواز کوسو، محمد پناھ رند گپچاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جھيمل شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ھلندڙ مسلسل جدوجھد بعد ڊي سي شھيد بينظيرآباد عامر پنھور سان ملاقات ڪئي، جنھن مامري جو نوٽيس وٺندي انجنيئر عطامحمد چڃڙ ۽ آبادگارن ۾ ڳالهيون ڪرايون، ان  موقعي تي  ڊي سي ۽ انجنيئر اسان کي يقين ڏياريو ته 2 ڏينھن اندر شاخ کي مڪمل روٽيشن تحت پاڻي ڏنو ويندو. جنهن بعد ٻن ڏينهن لاءِ احتجاج ختم ڪيو آهي. هوڏانهن انجنيئر عطامحمد چڃڙ ٻڌايو ته شاخ جي پچڙي جلد پاڻي ڏنو ويندو.