گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ۽ چيزل آباد ۾ ڦٽين جا اگهه ڪري پيا، آبادگار پريشان، ان ڏس ۾ گپچاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ قائم ڪاٽن فيڪيٽري جي مالڪن پاران برسات جو جواز ڄاڻائي ڦٽين جو اگھه گهٽائي ڇڏيو آهي، فيڪيٽري مالڪ ڦٽي 5500 کان 6000 ۾  في مڻ خريد ڪرڻ لڳا آھن، ان حوالي سان آبادگارن نورعلي گپچاڻي، حاڪم مغيري،عبدالطيف گپچاڻي، مجيب مغيري ۽ ٻين دانھيندي چيو تہ فيڪٽري مالڪ اسان ننڍن آبادگارن سان زيادتيون ڪري رهيا اهن، برسات سبب اسانجو فصل تباھ ٿي ويو، مٿان  وري ڪاٽن فيڪيٽري مالڪن ڦٽين جو اگهه ڪيرائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته ڦٽين جي غيرقانوني ڪٽوتي به ڪئي پئي وڃي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.