گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان پوليس جو منشيات جي اڏي تي ڇاپو، جھيڙو ھڪ اھلڪار زخمي، 5 ڄڻن خلاف 2 ڌار ڌار ڪيس داخل، خبرموجب ڳوٺ عبدالرحمان بروھي ۾ گپچاڻي پوليس منشيات جي اڏي تي ڇاپو ھنيو، جنهن دوران منشيات فروش خليل بروھي کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتاري بعد ڳوٺاڻن جوابدار کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ اهلڪار ممتاز جلباڻي زخمي ٿي پيو، جنھن کي نوابشاهه اسپتال نيو ويو، ڳوٺاڻن ۽ پوليس جي جهيڙي دوران گرفتار جوابدار فرار ٿي ويو، پوليس ايس ايچ او جي فرياد تي 5 ڄڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ هڪ ڄڻي خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جوابدارن ۾ خليل بروھي، فضل بروھي، علي مغل، غلام محمد ڏاھري ۽ ھڪ نامعلوم شامل آهن، پوليس موجب خليل بروھي منشيات فروش آهي، جنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپو ھنيو ته ٻين جوابدارن پوليس سان جھيڙو ڪيو.