گپچاڻي : گپچاڻي پوليس ڳوٺ محمد بخش مگسي ۾ سيشن جج جي حڪم تي ڇاپو هڻي زميندار اصغر مگسي پاران قيد ڪيل 4 هاري بازياب ڪرائي ٿاڻي تي وٺي آئي . بازياب ٿيل هارين ۾ ڀڳتي زال اڪبر ڀيل، 10 سالاوزير پٽ اڪبر ڀيل، 13 سالاڪويتا ڌي اڪبر ڀيل ۽ 8 سالا سُندر ڌيءَ اڪبر ڀيل شامل آھن. واضع رهي ته مٺو ڀيل پٽ اميدو ڀيل سيشن جج شھيد بينظيرآباد جي عدالت ۾ پنهنجي وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي ته سندس گهرڀاتين کي زميندار اصغر مگسي ڏيڍ سال کان قيد ڪيو ويٺوآھي ۽ ھارپي جو حساب به نه ڪندو هو.