ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ گٽڪي ۽ مين پڙي سميت ٻين شين جي تياري ۽ وڪري خلاف درخواست تي آءِ جي سنڌ کان جواب گھري ورتو، آرڊر جي ڪاپي آءِ جي سنڌ کي موڪلڻ جي ھدايت، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گٽڪي، ماوي، مين پڙي ۽ ٻين شين جي تياري ۽ وڪري خلاف وومين پروٽيڪشن ويلفيئر ٽرسٽ جي درخواست تي آءِ جي سنڌ کان جواب طلب ڪري ورتو، ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته انهي کان اڳ به نوٽيس جاري ڪيا ويا پر حڪومت ڪو به ڌيان نه ڏنو، معلوم ڪيو وڃي ته پٽيشن داخل ٿيڻ بعد ڪيترا گٽڪي جا ڪارخانا بند ڪيا ويا آھن؟  جوابدارن خلاف ڪيترا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن؟ جنھن تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته اسان عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالتي آرڊر جي ڪاپي آءِ جي سنڌ کي اماڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، واضح رهي ته ٽرسٽ طرفان چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ڪورنگي، ايس ايس پي ايسٽ ۽ ڪورنگي ۽ ٻنهي ضلعن جي ٿاڻن جي انچارجن کي  ڌر بڻايو ويو آهي.