گُل محمد ڪلهوڙو: ٻولي ادب ۽ سماج جو خاموش خدمتگار!

0
285

اسان جي هي سنڌ ڌرتي دنيا جي سمورين تهذيبن جي ماءُ تصور ڪئي وڃي ٿي، اسان جي سنڌي ٻوليءَ پُڻ جُڳن ٻوليءَ ليکي وڃي ٿي، سنڌ ڌرتي پنهنجي پڊ تي ڪيئي انسان پيدا ڪيا جيڪي تاريخ ۾ مختلف حوالن سان پنهنجي سڃاڻپ جي جوهر ۾ نمايان رهيا آھن.
وڇوڙا هنيانُ ڦاڙيندا آھن، جدايون جيءُ جهوري ڇڏينديون آھن! اهڙي ڪيفيت ۾ دل ۽ دماغ منجهيل سِٽ بڻجي ويندا آھن! سوچون يادن جي وهڪري ۾ لڙھندي ذھن جي ڪينواس تي ڪنهن مهل خوشين سان ڀاڪر ڀرن ٿيون ته ڪنهن وقت تڪليفن جي اوڙاھه ۾ پچڻ لڳنديون آھن! يادون ڪنارا ناهن ڪنديون، يادون نئين سر ماڻھو کي جنجهوڙين ٿيون ۽ اهڙي ڪيفيت جهڙي سوڳوار ماحول جو سبب اسان جو دلبر دوست ميان گُل محمد ڪلهوڙي جو وڇوڙو آھي جيڪو چوويھه مئي جي ڏينهن ھڪ وڳي اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو.
ميان گُل محمد ڪلهوڙو باڪمال ڪردار، ذھين، بهترين ڪهاڻيڪار ۽ ڪالمنگار ٿي گذريو. 
جوڌپوري ڪلهوڙن جي خاندان جو هي نوجوان ڪلهوڙا راڄڌاني جي آخري شهزادي جي سڃاڻپ رکندڙ ميان گل محمد ڪلهوڙو اڄ کان 42 بهارون اڳ ميرپورخاص لڳ ڳوٺ ميان گل محمد ڪلهوڙي ۾ ميان بهادر علي ڪلهوڙي جي گهر ۾ جنم ورتو جيڪو گهراڻو جوڌپور هندستان کان لڏي سنڌ ۾ آباد ٿيو جيڪو شجرو ڪجهه پيڙهين ۾ ڪلهوڙا سلطنت جي بادشاهي گهراڻي جي نشاني واري حسب نسل آهي.منهنجي ميان صاحب سان پهرين ملاقات ميرپورخاص ۾ سنڌ جي مشهور ميزبان صفدر پنهور جي آستاني تي ٿي هئي، ڪچهري دوران ميان صاحب جو موضوع گهڻي ڀاڱي ٻولي جو بگاڙ ئي هوندو هو، انهي ڏينهن به ساڳيو موضوع هو.
ميان گُل محمد ڪلهوڙو نه صرف اديب پر هُو سياسي ڪارڪن به هو ته سماجي ماڻھو به هو. گُل محمد ڪلھوڙي کي ڪهاڻي جي فن تي بھترين دسترس هوندي هئي، سندس ڪهاڻيون محدود ئي سهي پر انهن جا موضوع نج نبار ٻھراڙي جا ئي ڪردار آھن، پر انهن جي فن ۽ ٻوليءَ ۾ اهڙي ته شائستگي آھي جو ميان گل محمد جون ڪهاڻيون شاهڪار جو شرف حاصل ڪري چڪيون آھن.
ميان گُل محمد طبيعت ۾ سادو انسان هو، پر فڪري طور هُو تمام وڏو ماڻھو هو. سموري سنڌ جي علمي ادبي حلقي ۾ سندس سڃاڻپ ۽ شناخت جو اندازو هن جي وڇوڙي بعد سوشل ميڊيا تي سوڳوار جهڙي ماحول مان لڳائي سگهجي ٿو. اهو اسان جو سڀاڳ هو جو ميان گُل محمد ڪلهوڙو جو تعلق ميرپورخاص سان آھي. منهنجي پهرين لکڻي شايع ٿي جيڪو سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪ امير بخش شر جي يادگيرن تي مشتمل هئي، مون جيئن فيسبڪ تي اپلوڊ ڪئي ته ميان صاحب ميسينجر ۾ آيو! ميان گُل محمد جي ٻولي سان جنون ۽ پيار جي انتها اها هئي جو هن يڪدم مونکي لکيو ته“ تنهنجو استاد ڪير آھي؟ گهٽ ۾ گهٽ ٻولي سان اهڙو ويڌن نه ڪيو”. مون ميسيج پڙھي هالار لغاري کان ميان جو موبائل نمبر ورتو، جيئن ئي ڪال ڪئي ته چوڻ لڳو آئون اوهان کي ئي ڪال ڪرڻ وارو هئس. رسمي حال احوال بعد چوڻ لڳو يار پاڻ دوست ضرور آھيون پر آئون ٻولي ۽ سنڌ جي معاملي ۾ صفا اهڙو ئي آهيان! جيڪڏھن دل ۾ ڪندا ته معاف ڪري ڇڏيندا،هن وقت اسان جو نئون ليکڪ ٻوليءَ سان جيڪو حشر ڪري پيو سو تمام خراب آھي! توهان جيڪا به لکڻي موڪليو آئون ويٺو آھيان توهان مونکي موڪلي ڏيندا ڪيو، آئون توهان کي درست ڪري موڪلي ڏيندس، آئينده خاص خيال رکندا، اهو چئي ڪال ڪٽي ڇڏي.
آئون خوش به ٿيو هئس ته غمگين به ٿيو هئس ڇاڪاڻ جو آئون شعوري طور ان سطح جو نه هئس جو ميان صاحب جي ڳالھه ۽ گفگتو پرکي پروڙي سگهان! مون مايوس ٿي، لکڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيو هو، ڪجھه عرصي بعد ميان گل محمد مونکي ڪال ڪئي ته آئون سنڌڙي ويٺو آھيان اچ روبرو ڪچهري ڪريون ٿا، آئون ته هئس ئي سنڌڙي ويٺو ، ملياسين ڪچهري دوران مون کان سوال ڪيائين ته اوهان لکڻ بند ڪيو آھي؟اهو غلط آھي، ڏسو ٻولي ۽ سنڌ پنهنجون پهريون مائرون آھن! آئون توهان کي دلي طور چوان ٿو لکو.
مون ميان صاحب جون ڳالهيون ذھن ۾ رکي مطالعي ۽ مشاهدي جو دائرو وڌايو، ان بعد اسان جڏھن ملنداسين هئاسين سنڌي ڪهاڻي ئي موضوع هوندا هئا، ميان صاحب جمال ابڙو ۽ نسيم کرل سان بي انتها پيار ڪندو هو ۽ چوندو هو ته نسيم کرل جيئن ڪهاڻيون ٿوريون ئي سهي پر هجن شاهڪار.
2019ع۾ منهنجي ڪهاڻي هڪ مئگزين ۾ شايع ٿي ، اڃان صبح جو وقت هو آئون سنڌڙي اچان پيو رستي ۾ موبائل جي رنگ ٽون وڳي ته موبائل ڏٺم ته ميان صاحب جي ڪال، موٽرسائيڪل پاسي تي بيهاري هيلو ڪيو ته “لِو يو ليکراج تو اڄ ثابت ڪيو ته سنڌ، سنڌي سماج ۽ سنڌي ٻوليءَ سان تون پيار ڪرين ٿو” .آئون سوچي پڇڻ لڳو هئس ميان صاحب آئون سمجهي نه سگهيو آھيان پليز ٻڌائيندا؟ يار تنهنجي ڪهاڻي شايع ٿي آھي، مونکي ڏاڍي سٺي لڳي مون هينئر پڙھي توکي ڪال ڪئي آھي. ان ڏينهن ميان صاحب ڏاڍو خوش لڳو پئي.  مقصد ته گل محمد جيڪي خاموش خدمتگار ٿيندا آھن انهن جو اعليٰ مثال هو.
ميان گُل محمد سان منهنجي آخري ملاقات پراڻي ميرپور جي اسٽاپ تي ٿي هئي، موٽر تي هو سندس ننڍڙو پيارو مرادياب گڏ هو، هميشه جيئن ڀاڪر ڀري مليو ۽ چوڻ لڳو “ڇهن مهينن بعد هڪ ڪهاڻي لکي آھي پر ھي ڪهاڻي موقعي جي مناسبت سان شايع ڪرائبي!” اُھا ڪهاڻي به رهجي وئي! ميان صاحب جي هڪ خاصيت اها به هوندي هئي ته سنگت جي حلقي مان ڪنهن هڪ سان به ملندو هو ته سموري سنگت جا حال پڇندو هو ۽ آخر ۾ چوندو هو ته موڪلاڻي ناهي! سڄي سنگت کي سلام ڏيندا.
ميان گل محمد ڪلهوڙو علم ادب ۽ ٻوليءَ جو انتها جو عاشق هو، سندس ڪهاڻي “مرحوم ڦ ڦيٿو” ان جي اظھار جي عشق جو هڪ مثال آھي. ميان صاحب جي ذاتي زندگي ڪيئن گذري سندس ڪهاڻي “پويان لڳل زندگي” ان جو نمايان هڪ مثال آھي، سندس روشن خيالي، شعوري ۽ فڪري آزادي جو عظيم اظھار سندس ڪهاڻي “حرام” آھي.
مون لاءِ اهو اعزاز آھي ۽ هن ۾ ڪو وڌاءُ ناهي، ميان گل محمد منهنجو اول فڪري استاد ۽ پوءِ دلبر دوست ۽ محبوب هو.
 ميان صاحب جي وڇڙڻ کان ٽي ڏينهن اڳ مون ميسينجر تي ڪال ذريعي ڪچهري ڪئي هُئي هو اداس لڳو غمگين لڳو هن جي ٽھڪن ۾ اُھا خوشي نه هئي! هن جا گفتار ايترا ته ڏُکويل هئا جو ڄڻ ته ڪنهن سهاڳڻ جو سهاڳُ اجڙي ويو هجي! مون جڏھن چيو ڪتاب اڃان نه آيو يار؟وڏو شوڪارو ڀري چوڻ لڳو“پويان لڳل زندگي” ۽ هُو خاموش ٿي وري چوڻ لڳو خير ڪتاب ڪڏھن ته ايندو نه ته منهنجون ڪهاڻيون اوهان پڙھيون آھن، منهنجو پورهيو سڦل…! مونکي ڳوڙھا اهو لکڻ نه پيا ڏين ته منهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب جو مُھاڳ ميان صاحب لکي ها! ٻين خواھشن جيئن هي خواھش به اڻپوري ۽ اڌوري رهجي وئي! ڪهاڻيون اداس رهجي ويون آھن! سنڌ ھڪ يگاني عاشق کان محروم ٿي وئي. ٻولي ادب ۽ دوست هڪ بڙ جي وڻ جي ڇانُو کان محروم ٿي ويا آھن! ميان صاحب جي شخصيت جا پهلو کوڙ آھن! اکين ۾ ڳوڙھا لکڻ نه پيا ڏين ،سدائين گڏ پرين.
منجهان مُنهنجي روح، جي وڃن ساجن وسري
ته مر لڳي لُوھه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
(شاھه لطيف)