اسلام آباد (م ڊ) حڪومت کاڄرو تيل جي درآمد  تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪري ڇڏي، جنهن سبب گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي. وفاقي حڪومت انڊونيشيا کانسواءِ سڀني ملڪن مان کائڻ جي تيل جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو باضابطا طور نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آهي. پڌرائيءَ موجب انڊونيشيا مان کاڄرو تيل جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو نه هوندي، انڊونيشيا مان کاڄرو تيل جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي کان ڇوٽ 30 جون 2022 تائين ڏني وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته جنهن کاڌي جي تيل جي درآمد تي ڪسٽمز ڊيوٽي جي شرح ٻڙي، 3 سيڪڙو ۽ 11 سيڪڙو آهي، ان تي ريگيوليٽري ڊيوٽي جي شرح 2 سيڪڙو هوندي، جنهن جي درآمد تي 16 سيڪڙو ڪسٽمز ڊيوٽي آهي، ان تي ريگيوليٽري ڊيوٽي جي شرح 4 سيڪڙو هوندي، اهڙي ريت جنهن جي درآمد تي ڪسٽمز ڊيوٽي جي شرح 20 سيڪڙو آهي، ان تي ريگيوليٽري ڊيوٽي جي شرح 6 سيڪڙو هوندي، جنهن جي درآمد تي ڪسٽمز ڊيوٽي جي شرح 30 سيڪڙو آهي، ان تي ريگيوليٽري ڊيوٽي جي شرح 7 سيڪڙو هوندي.