ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ٿر پارڪر ضلعي جي شهر ڪلوئي جي مھراڻ ڪالوني ۾ گينگ ريپ  بعد آپگهات ڪندڙ  نينگري افشان سومرو واري واقعي جو نوٽيس ورتو آھي، چيف جسٽس ميرپورخاص  جي ڊي آءِ جي ۽  ٿر پارڪر جي ايس ايس پي ٿرپارڪر کي سڀاڻي 22 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آھي، چيف جسٽس حڪم ڏيندي چيو آھي ته ڪلوئي جو ايس ايچ او ۽ ڪيس جو جاچ آفيسر پڻ  ساڳئي ڏهاڙي رڪارڊ سميت پيش ٿين. ياد رھي ته ڪلوئي ۾ نينگري سان گينگ ريپ ٿيو ھو، پوليس پاران بااثر ماڻھن خلاف ڪارروائي کان انڪار بعد  نينگري صدمي وچان آپگھات ڪري ڇڏيو ھو.