ڪراچي: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت صنعتن کي گيس جي فراهمي روڪي مُلڪي معيشت کي ضرب هنئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته حيرت آهي ته پوري مُلڪ کي هلائيندڙ ڪراچي جي صنعتن جي گيس بند ڪئي وئي آهي. هن چيو ته صنعتن لاءِ گيس جي فراهمي بند ڪري نه صرف مُلڪي ايڪسپورٽ پر صنعتڪارن جي ساک کي به داءُ تي لڳايو ويو آهي.هن چيو ته آئيني طور تي سوئي گيس پيدا ڪندڙ بلوچستان ۽ سنڌ جو گيس تي پهريون حق آهي ٻنهي صوبن ۾ سڀ کان پهريان گيس فراهم ڪئي وڃي.