سيتا روڊ (رپورٽ امتياز احمد ٻگهيو) گيسٽرو ويڙهو ئي ويران ڪري ڇڏيو، سيتا واسي جي پٽ ۽ ڌيءُ بعد ٽين نياڻي به فوت ٿي وئي. ان ڏس ۾ سيتاروڊ  جي ڳوٺ نظام آباد ۾ 4 ورهين جي نياڻي ڪلثوم ڌي بشير رند گيسٽرو سبب موت جو کاڄ بڻجي وئي. هن ئي هفتي بشير رند جو 10 ورهين جو پٽ اويس ۽ 13 ورهين جي ڌي اربيلي به گيسٽرو وگهي فوت ٿيا. هڪ پٽ ٻن ڌيئرن جي وڇوڙي امڙ جي جهولي خالي ٿيڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ طاري ٿي ويو آهي. علائقي ۾ گيسٽرو وگهي فوتين جو انگ 14 تائين پهچي ويو. صحت انتظاميا ڪوبه نوٽس نه ورتو آهي.    سيتاروڊ ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي سائو زھريلو بڻجي ويو آهي. نئون مقرر ٿيل ٽائون آفيسر به ميدان مان غائب آهي.  ٽائون آفيسر آفيس نه اچڻ تي شھر ۾ صفائي نظام تباھ هجڻ تي ڪئي بيمارين جنم ورتو آهي. مڇر ۽ مکين جو اسپري به نه ٿيڻ تي ماڻھون عذاب ۾ شھر ۾ ٻوڏ متاثرين جي رليف ڪيمپن ۾ برسات جو زھريلو پاڻي گڏ ٿيڻ باوجود نيڪال نه ٿيو صفائي به نه هجڻ تي ڪئي وبائي بيمارين مليريا گيسٽرو ڊائريا  منھن ڪڍيو آھي. فوتي  نينگري ڪلثوم رند جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو گهر برساتن سبب تباهه ٿي ويو آهي، ٻه ٻار گيسٽرو سبب فوت ٿي چڪا آهن، اڄ ڪلثوم کي به گيسٽرو سبب ميهڙ تائين کڻي وياسين پر دوا نه ملي سگهي. جنهن ڪري هوءَ فوت ٿي وئي.