ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڦهليل گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، وڌيڪ هڪ ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو، 1017 مريض اسپتال ڀيڙا، بيڊ کٽي پيا، مريضن کي وڻن هيٺان ويهاري  ڊرپون لڳايون ويون، اڪثر اسپتالن مان دوائون اڻلڀ، خبر موجب گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ حاجي حسو خان گپچاڻي ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا 3 ورهين جو عبدالنبي پٽ ميرخان گپچاڻي نواب شاهه جي پي ايم سي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏھن ته ڪيترائي ٻارڙا وبا ۾ ورتل آهن، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، حيدرآباد ۾ گيسٽرو جا ڪيس وڌڻ لڳا، 24 ڪلاڪن دوران مجموعي طور 447 مبتلا مريض کي اسپتالن ۾ آندو ويو، جن ۾ 5 سالن کان وڏي عمر جا 168 ۽ 5 سالن کان گهٽ عمر جا 309 مريض رجسٽرڊ ٿيا، لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ هڪ  ڏينهن دوران 100 کان وڌيڪ مريضن کي داخل ڪيو ويو، جن ۾ فهميده گوپانگ، پٺاڻي خاتون، حنا تنيو، مظفر کوکر ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪب آباد ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا عورتن، ٻارن ۽ مردن جميلان، منظور احمد، اسماعيل لهر، رضيا، سميران سميت 20 کان مٿي مريضن کي اسپتال آندو ويو، مدئجي اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب گيسٽرو جي مريضن لطف شيخ، ھمٿ بروھي، توفيق بروھي، حنيف عباسي ۽ ٻين کي خانگي اسپتال نيو ويو، خيرپور سٽي اسپتال ۾ 24 ڪلاڪن دورن گيسٽرو ۾ مبتلا 72 کان وڌيڪ ٻارڙن کي داخل ڪيو ويو، هوڏانهن اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ڏيئي ڀرسان ڳوٺ کٻڙ جمالي ۾ 60 کان وڌيڪ ٻارڙا مليريا ۽ گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، دادو ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه اچي سگهيو، جوهي، ڦلجي اسٽيشن ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن مان واصف ڀنڊ، شهزور، ريحانه، عليزه لغاري، محبت ملاح، اعجاز گوپانگ، نادر جمالي، ڪامل شاھاڻي، مولابخش ٻٻر، علي نواز لنڊ، فائزه ملاح، ضمير، احسان، ليليٰ سميت 100 کان وڌيڪ ٻارن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، ضلعي جي واحد سول اسپتال دادو جي ٻارن واري وارڊ ۾ بيڊ کٽي ويا، جنهن ڪري ڪيترن ئي ٻارن کي ڪرسين ۽ وڻن هيٺان ليٽائي ڊرپون لڳايون ويون، ٽنڊو ڄام ۾ گيسٽرو جا وڌيڪ 198 مريض علاج لاءِ پهتا، گذريل پنجن ڏينهن ۾ 211 مريض گيسٽرو متاثر اسپتال پهتا هئا، مجموعي طور 6 ڏينهن ۾ 400 ڄڻا گيسٽرو سبب متاثر ٿيا، جن ۾ ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي، ٻئي پاسي پي پي ايڇ آءِ جي ڊي ايم ردا ٽالپر اسپتال جي انگن اکرن کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته گيسٽرو جا رڳو 6 مريض آيا آهن، ڳاڙهو ۽ ڀرپاسي ساحلي پٽي ۾ گيسٽرو ڦهلجي وئي، جنهن ۾ مبتلا سوين ماڻهن کي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ٺري ميرواهه ۾ 40 کان وڌيڪ گيسٽرو مريضن کي اسپتالن ڀيڙو ڪيو ويو،