گونگن ۽ ٻوڙن لاءِ سپريم ڪورٽ اهم فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

0
250

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جِي صلاحيت کان محروم ماڻهن بابت وڏو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گونگن ۽ ٻوڙن ماڻهن جي پراپرٽيز جي ٽرانزيڪشن ويجهن مائٽن جي موجودگي ۾ ٿيندي

سپريم ڪورٽ موجب گونگا ۽ ٻوڙا ماڻهو پنهنجي بنيادي حقن جو تحفظ عام انسانن جيان  نه ٿا ڪري سگهن

سپريم ڪورٽ  چيو آهي ته ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت کان محروم ماڻهو منفرد هوندا آهن، انهن کي معذور نه ٿو چئي سگهجي

سپريم ڪورٽ  جي فيصلي موجب لاڳاپيل اٿارٽيز يقيني بڻائي ته گونگن ۽ ٻوڙن ماڻهن جي ويجهن عزيزن جو اثاثن جي منتقلي ۾ مفاد جو ٽڪراءُ نه هجي

گونگن ۽ ٻوڙن ماڻهن جي پراپرٽيز جي  ٽرانزيڪشن بابت ڪيس جو فيصلو جسٽس  جمال خان مندو خيل چئن صفحن تي لکيو

ٻڌڻ جي سگهه کان محروم فتح محمد  2003ع ۾ 20لک رپين عيوض زمين وڪرو ڪئي هئي، فتح محمد جي ويجهن مائٽن زمين جي وڪري خلاف دعويٰ داخل ڪئي هئي

ٽرائل ڪورٽ جي سول جج زمين  جي وڪري کي فراڊ قرار ڏنو هو، سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو بحال ڪيو هو