گولاڙچي (رپورٽ: مھرالدين مري) گولاڙچي جي ٻن ٽائون ڪاميٽين جي 12 وارڊن تان پ پ پ جا ۱۱ اميدوار ڪامياب ٿيا، جڏھن ھڪ وارڊ تان جي ڊي اي سوڀ حاصل ڪئي. ٽائون ڪميٽي گولاڙچي تي پ پ پ جي راھو ۽ چانڊيو گروپن جا سلام آرائين ۽ عرفان گجر چيئرمين ٿيڻ لاءِ لابنگ ڪري رھيا آھن، جن مان سلام آرائين مضبوط اميدوار آھي. ٽائون ڪاميٽي ڪڙيو گھنور جي چيئرمين لاءِ خليفو نياز نظاماڻي مضبوط اميدوار آھي. گولاڙچي جي ڪل 14 يونين ڪائونسلن مان 13 يونين ڪائونسلن تي پ پ پ جا اميدوار چيئرمين ٿيا، جڏھن ته ترائي تان جي ڊي اي جي سيد الھڏني شاھ ڪاميابي ماڻي. ضلعي ڪائونسلن جي 14 مان 13 سيٽن تي پ پ پ ھڪ سيٽ يوسي کورواھ تان ايس يو پي جو امير آزاد پنھور ڪامياب ٿيو.