گولاڙچي (ن پ ا) گولاڙچي ۾ ڊجيٽل آدمشماري ڪندڙ عملي کي پيٽرول جا پئسا نه ملي سگهيا،  اي سي آفيس آڏو احتجاج، ان ڏس ۾  تعلقي گولاڙچي ۾ ھلندڙ آدمشماري ۾ 20 سرڪلن ۾ ڪم ڪندڙ 150 کان وڌيڪ اينيوميٽرن کي فيلڊ ۾ وڃڻ لاءِ  تيل جا پئسا نه مليا، جنھن خلاف   عملي پاران اي سي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي  تراب چانڊيو، ملوڪ نوتڪاڻي ، فراز سنڌو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  ھڪ پگھار گھٽ ، ٻيو مھانگائي گھر جي پورت نه ٿي ٿئي،  فيول جا پئسا ڪٿان آڻيون،هنن اسان کي آدمشماري لاءِ سهولتون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾  آدمشماري جو بائيڪاٽ ڪنداسين.