گولاڙچي (رپورٽ: مھردين مري) گولاڙچي ويجھو چڪ 39 وٽ زيرو پوائنٽ واسي  مڙس دوستن سان گڏ گوليون ھڻي زال ۽ سس کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس سالو زخمي ٿي پيو. ان ڏس ۾  زيرو پوائنٽ واسي مسمات حميرا ۽ سندس ڌي شھناز موٽر سائيڪل تي ڳوٺ پنھنجي پٽ سبز علي سان گڏ وڃي رھيون هيون ته چڪ 39 وٽ جوابدار قادر ملاح پنھجي ٻن نا معلوم ساٿين سان گڏ مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي جوابدار قادر ملاح جي زال شھناز ۽ سندس سس حميرا ٿڏي تي مارجي ويون، جڏھن ته سندس سالو سبز علي زخمي ٿي پيو، اطلاع تي زخمي ۽ ٻن لاشن کي گولاڙچي پوليس تعلقي اسپتال پھچايو، جتي مقتولن جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏھن ته زخمي کي ابتدائي طبي امداد ڏئي بدين منتقل ڪيو ويو، واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، جڏھن جوابدار فرار ٿي ويا.مقتولن جي مائٽن بدايو مسمات شھناز ء سندس مڙس قادر ملاح دادو منڇر ڏنڏ جارھواسي آھين ڪافي وقت کان زال مڙس ۾ اختلاف ھئا ھڪ مھينو اگ مقتولا مڙس قادر کان ڪاوڙجي زيروپوائنٽ ماء جي گھر آئي جنھن تان سندس مڙس قادرڪاوڙ ۾  کيس قتل ڪيو آهي.