واهي پانڌي: هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻن  وقار مستوئي، ڀائي خان لاشاري، صالح کوسو، قربان، انعام لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته گورک هل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊ جي حالت انتهائي خراب آهي ۽ روڊ اندر کڏا کٻا پئجي ويا آهن، مرمت نه ٿيڻ ڪري انتهائي ناهموار روڊ سبب نئين ڊرائيور طرفان گاڏي هلائڻ رسڪي آھي، سال اندر 10 کان وڌيڪ حادثا پيش آيا آهن. واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ گورک جي کاول لڪ وٽ ايم پي اي جوهي ڊاڪٽر سجيلا لغاري جي گاڏي سان پڻ حادثو پيش آيو هو جنهن پ پ پ ليڊيز اڳواڻ شرميلا فاروقي ۽ ٻيون سهيليون سوار هيون جيڪي معجزاڻي طور محفوظ رهيون.