ڪراچي:  اسٽيٽ بينڪ جي  وقتي گورنر ڊاڪٽر مرتضيٰ سيد جو چوڻ هو ته   گورنر  گورنر ئي هوندو آهي، پوءِ اهو  ڪل   وقتي هجي يا وري وقتي گورنر هجي، انهي سان ڪو فرق ناهي پوندو، آئون اڍائي مهينن کان وقتي گورنر آهيان، انهي عرصي  دوران مانيٽري  پاليسي ڏيڻ، وياج جي شرح وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ کانسواءِ آءِ ايم ايف  سان ڳالهين ۾ اڳتي رهيو آهيان، هن  وڌيڪ چيو ته  وقتي  گورنر کي باقي سمورا اختيار هوندا آهن، رڳو ڪرنسي نوٽن تي سندس صحيح  ٿي نه سگهندي آهي