اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خيبرپختونخوا ۾ چونڊن جي اڄ تاريخ جو اعلان ٿيڻ جو امڪان، اليڪشن ڪميشن ۽ گورنر ڪي پي ۾ چونڊن بابت مشاورت لاءِ اڄ اجلاس ٿيندو. جڏهن ته گورنر ڪي پي پاران اليڪشن ڪميشن وٽ مشاورت لاءِ اسلام آباد اچڻ کان انڪار ڪيو ۽ جوابي خط ۾ نامناسب لفظ استعمال ڪيا جنهن تي اليڪشن ڪميشن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. تفصيل موجب ذريعن ٻڌايو آھي ته اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي جي صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي چونڊ ڪرائڻ لاءِ گورنر ڪي پي ڪي کي اليڪشن ڪميشن اسلام آباد مشاورت لاءِ اچڻ جي دعوت ڏني،  گورنر اسلام آباد اچڻ بدران اليڪشن ڪميشن کي چونڊ تاريخ تي مشاورت لاءِ اڄ اربع ڏينهن  پشاور گهرائي ورتو آھي،  اليڪشن ڪميشن  گورنر سان مشاورت لاءِ 3 رڪني ٽيم  جوڙي آھي، جيڪا گورنر سان چونڊ تاريخ بابت مشاورت ڪندي، ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني ڪاميٽي اڄ اربع ڏينهن منجهند 11 وڳي گورنر هائوس پشاور ۾ طلب ڪيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندي، جنهن  ۾ گورنر سان صوبي ۾ چونڊ لاءِ تاريخ جي اعلان تي مشاورت ٿيندي، اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان ٿيندڙ اجلاس بابت تياري مڪمل ڪري ورتي آھي. هوڏانهن سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي گورنر ڪي پي ڪي جي لکيل خط ۾ استعمال ڪيل لفظن تي اليڪشن ڪميشن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،  ان خط بابت  اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آھي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ گورنر چونڊ لاءِ تاريخ ڏئي اسان کي حڪم نه ڏئي ،  ذريعن مطابق گورنر ڪي پي ڪي خط ۾ لکيو آھي پر امن چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن تياري ڪري اچي، خط جي اهڙي متن تي اليڪشن ڪميشن شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو  ۽ موقف اختيار ڪيو آھي ته گورنر خط ۾ مناسب لفظ استعمال نه ڪيا آھن پر امن چونڊون ڪرائڻ لاءِ اختيارين سان مشاورت ڪرڻي آھي گورنر سان مشاورت نه ڪرڻي آھي اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آھي اليڪشن ڪميشن ڪنهن کان هدايتون نه وٺندي آھي گورنر ان حوالي سان پنهجو لاڳاپيل ڪم ڪري.