سيوھڻ(رپورٽ: اشرف عطار) سنڌ جو گورنر ڪامران ٽسوري گذريل ڏينهن سيوھڻ پھتو ته شھباز ايئرپورٽ  تي ڪمشنر حيدرآباد بلاول ميمڻ ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاهه سندن استقبال ڪيو. گورنر درگاهه قلندر شھباز تي حاضري ڀري چادر چاڙھي فاتحا خواني ڪئي ۽ ملڪ ۽ سنڌ جي خوشحالي لاء پڻ دعا گھري. ان موقعي تي گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري درگاهه قلندر تي ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ته حڪومتون اينديون وينديون رھنديون آهن ۽ ڪم صرف عوام جي ڀلائي لاء ڪرڻ گھرجي، چاھي اھو ڪم ٽيڪنوڪريٽ گورنمينٽ ڪري يا ڪا ٻيو پر ڪم صرف عوام لاء ڪرڻ گھرجي. ھن چيو ته ملڪ کي وجود ۾ آئي 75 سال گذري ويا آهن پر ملڪ اندر ترقي نظر نٿي اچي. ترقي بدران شھرن ۾ به ڳوٺاڻو ماحول نظر اچي ٿو. ان ڪري ھاڻي الزام بازين جو وقت گذري ويو آهي، اسان کي نفرتون ختم ڪري گڏجي ملڪ ۽ سنڌ جي خوشحالي لاء ڪم ڪرڻ گھرجي. ھن چيو ته گورنر جي حيثيت ۾ مون کي سڀ اختيار حاصل آهن جنهن جو استعمال ڪندي پل جو ڪردار ادا ڪـندس ان ڪري آءُ ڪراچي ۾ به عوام جي وچ ۾ رھان ٿو. گورنر وڌيڪ چيو ته سنڌ جو وڏو وزير تمام سٺو ڪم ڪري رھيو آهي، سنڌ حڪومت ھن مھل تائين 80 ارب روپيا ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪري چڪي آهي پر جتي ڪا ڪوتاھي ھوندي آهي ان جي آء نشاندھي ڪندو رھندس. گورنر چيو ته سنڌ جي ترقي ضروري آهي سنڌ ترقي ڪندي ته ملڪ ترقي ڪندو، ڇو ته سنڌ صوبو ڏک ھجي يا سک سڀني ماڻهن کي پاڻ وٽ جڳهه ڏئي ٿو مون درگاهه قلندر تي دعا گھري آهي ته اسان سڀ نفرتون ختم ٿين ۽ معاشي مسئلا ختم ٿين. گورنر سنڌ پي ايس پي ۽ متحدا جي ڌڙن ۾ ٺاھ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته سڀني ڌرين ۾ اتفاق پيدا ڪيان ۽ تمام رڪاوٽون ختم ڪري ملي جلي ملڪ جي ترقي لاء ڪم ڪيون. سيوھڻ جي دوري بعد گورنر سنڌ واپس ڪراچي روانو ٿي ويو.