ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عمران خان دنيا جي مختلف ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا،  بلاول ڀٽو پاڪستان جو ڪيس دنيا آڏو رکيو، گڏيل قومن پاڪستان جو ساٿ ڏنو، ڊونر ڪانفرنس ۾ ملڪ کي مليل امداد مان برسات متاثرن جا گهر تعمير ڪرايا ويندا، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي دور کان گيس جو بحران آهي. گذريل ڏينهن گهوٽڪي مان گيس جا نوان ذخيرا مليا آهن، ٿر ڪول سميت سنڌ سرڪار اهم پراجيڪٽ آندا آهن، ڪراچي ۾ 10 هزار استادن جون نوڪريون ڏنيون ويون، سڀ کان وڌيڪ نوڪريون سينٽرل ضلعي ۾ ڏنيون ويون، هن چيو ته گورنر وفاق جو نمائندو ضرور آهي پر هو ڪو به سياسي سرگرميون نه ڪندو، گورنر هائوس ۾ سياسي ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن.