ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري جي طبيعت خراب ٿي پئي، ذريعن موجب ٻه ڏينهن اڳ هڪ دوست پاران اماڻيل کاڌو کائڻ بعد گورنر جي طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن کي ڊاڪٽرن پاران آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي، ٻئي طرف ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته گورنر جي طبيعت خراب آهي، سندس طبيعت جي خرابي واري معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي،