اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بلوچستان جي گورنر کي تبديل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو، ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان تازو بلوچستان جي دوري کان پوءِ بلوچستان جي گورنر کي هٽائي نئون گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ وزيراعظم عمران خان پاران بلوچستان جي گورنر امان الله ياسين زئي کي خط لک ان کان عهدي تان استعيفا طلب ڪري ورتي آهي ۽ چيو آهي ته بلوچستان ۾ نئون گورنر مقرر ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن ڪري توهان ان عهدي تان استعيفا ڏيو.