گوجرانوالا ويجھو خوفناڪ ٽريفڪ حادثو، ھڪ ئي خاندان جي 11 ماڻھن سوڌو 12 ڄڻا فوت

0
305
گوجرانوالا ويجھو خوفناڪ

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ويجهو عرس تان واپس ايندڙ 2 وينز خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿيون آھن، 12 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا

 ريسڪيو اختيارين موجب ڪوٽ لڌا ويجهو هڪ ڊرائيور گاڏي رستي تي بيهاري سمهي پيو، پٺيان ايندڙ ٻئي مسافر وينون گاڏيءَ سان ٽڪرائجي ويون، فوت ٿيلن ۾ 6 عورتون ۽ هڪ ٻارڙي به شامل آھن، ٻڌايو پيو وڃي تھ حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ ھڪ ئي خاندان جا 11 ماڻھو بھ شامل آھن