ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽر گوتم گمڀير ويرات ڪوهلي جي رڪارڊز کي نشانو بڻائيندي هن تي طنز ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي گوتم گمڀير چيو ته ذاتي رڪارڊز جي وڏي ايونٽ ۾ ڪابه جاءِ ناهي، ويرات کي 40 کان 50 رنز اسڪور بڻائڻ جي مائنڊ سيٽ کي اهڙي اسڪورز تي فوڪس ڪرڻو پوندو جيڪو ڀارتي ٽيم لاءِ اهميت رکندو هجي. اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته رنز اهي ٺاهجو جنهن سان اوهان جي ٽيم کٽي، اهي رنز نه ٺاهجو جيڪي اوهان جي رڪارڊ ۾ وڃن، اوهان چاهيو 40 يا 30 رنز ٺاهي پر ان انداز سان ٺاهيو ته اوهان جي ٽيم 170 کان 180 رنز تائين پهچي سگهي ۽ جيڪڏهن هدف حاصل ڪرڻو آهي ته اهڙي طرح رنز ٺاهيو جنهن سان اوهان جي مڊل آرڊر تي پريشر گهٽجي.