ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ميڊيا موجب گوتم گمڀير ڪمنٽري دوران بابر کي خود غرض چوندي سوال ڪيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته بابر اوپنر طور لاڳيتو ڇو اچي رهيو آهي ۽ مڊل آرڊر تي ڇونه ٿو اچي؟ گوتم بابر بابت چيو ته سڀ کان پهريان اوهان کي پاڻ بدران پنهنجي ٽيم جو سوچڻ گهرجي، پلان موجب ڪجهه نه ٿي رهيو آهي ته فخر زمان کي اوپنر موڪلڻ گهرجي، ڪپتان طور اها خود غرضي آهي، ڪپتان طور خود غرض ٿيڻ سولو آهي. ان جي رد عملي ۾ شاهد آفريدي چيو ته ٽورنامينٽ کانپوءِ بابر کي گوتم بابت ڪجهه چونداسين اهي به ته گهر ويندو نه. هوڏانهن وسيم اڪرم چيو ته گوتم پنهنجي دور جو سٺو رانديگر آهي مان سمجهان ٿو هر انسان کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي ۽ اها گوتم جي هڪ راءِ آهي.