گوادر (م ڊ) گوادر جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ تنظيم گوادر کي حق ڏيو تحريڪ جي سربراهه مولانا هدايت الرحمان کي نيٺ آزاد ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ 18 مئي تي مولانا هدايت الرحمان جي ضمانت منظور ڪئي هئي ۽ کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. مولانا هدايت الرحمان گوادر ۾ پوليس اهلڪار جي قتل ڪيس ۾ گرفتار هو. پنهنجي بيان ۾ مولانا هدايت الرحمان چيو ته مان آزادي لاءِ ڪوششون ڪرڻ تي وڪيلن، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، عبدالحق هاشمي، لشڪري رئيساڻي ۽ همايون ڪرد جو ٿورائتو آهيان.