گهڻيون غلطيون ڪيون پر گهر واري گوريءَ ساٿ ڏنو: شاهه رخ خان

0
296

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان چيو آهي ته گهر واري گوري خان هميشه خراب وقت ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو

سوشل ميڊيا تي سلمان خان هڪ پراڻي پروگرام دس ڪا دم جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ شاهه رخ خان ۽ راني مکرجي خاص مهمان طور شريڪ آهن

ان وڊيو ۾ شاهه رخ خان پنهنجي گهر واري گوري خان سان محبت جو اظهار ڪندي انڪشاف ڪري رهيو آهي ته مان زندگيءَ ۾ تمام گهڻيون غلطيون ۽ گهڻيون بدتميزيون ڪيون پر منهنجي گهر واري گوري خان هميشه منهنجو ساٿ ڏنو

شاهه رخ خان چيو ته مان ڪيترائي غلط فيصلا به ڪيا پر گوري هميشه هر خراب وقت ۾ مونسان گڏ رهي ۽ هن ڪافي شئين تي چُپ رهي منهنجو ساٿ ڏنو. ياد رهي ته شاهه رخ خان ۽ گوري خان 3 ڏهاڪا اڳ 1991ع ۾ شادي ڪئي هئي