ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير ڪرڻ تان اليڪشن ڪميشن جي نمائندي کي ڇنڊ پٽيندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري ڇڏيو، عدالت ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي پاڻ پيش ٿيڻ يا پنھنجن نمائندن کي سومر تي  تفصيلي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ واري معاملي تي جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ پاران داخل درخواستن جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، اليڪشن ڪميشن جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جو 9 نومبر تي اجلاس ٿيڻو ھو، موڪل ھئڻ ڪري اهو اجلاس هاڻ 15 نومبر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪو اسڪول ناھي، 9 نومبر تي موڪل ھئي ته ڇا ٿي پيو، اجلاس ته ٿي پيو سگھي،  مڪاني اليڪشن انتھائي حساس معاملو آهي، عدالت وڌيڪ چيو ته ھاڻي گھڻو ٿي ويو، اليڪشن ڪرائڻ توھان جي ذميواري آھي، جلد مڪاني اليڪشن ڪرايو، جنھن تي اليڪشن ڪميشن جي نمائندي چيو ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آھي، سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني، پوليس برساتي ٻوڏ سبب امدادي سرگرمين ۾ مصروف آھي، چيف جسٽس سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته پوليس جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪھڙو ڪم آھي؟ پوليس کي اوڏانھن ڇو موڪليو اٿئو؟ سنڌ ۾ رينجرز ۽ پوليس جي نفري  ڪٿي ڪٿي مقرر آھي؟  تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڇا صورتحال آھي؟ اتي ته ڪا ٻوڏ ناھي، ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيل پيش ڪيا وڃن، سرڪاري وڪيل پاران ھڪ ھفتي جي مھلت گھرڻ تي چيف جسٽس انڪار ڪندي چيو ته سومر تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي ذاتي حيثيت ۾ يا ڪنھن نمائندي ذريعي  سومر تي پيش ٿي ھر صورت ۾ تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي سومر 14 نومبر تي منجھند جو 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.