ملير (رپورٽر) عورتاڻي آواز تي هرکجي ِ نڪتل نوجوان ڪنڌڪوٽ مان اغوا، 50 لک ڀُنگ طلب، ان ڏس ۾ گهگهر واسي نوجوان صالح محمد ڪانڌڙو ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي  ويو، اغوا ڪندڙن پاران نوجوان جي وارثن کان پنجاهه لک رپيا ڀُنگ طلب ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ نوجوان جي سئوٽ نظام ڪانڌڙو  ٻڌايو ته صالح محمد ڪانڌڙو 24 جولاءِ تي ڪنڌڪوٽ  لاءِ روانو ٿيو، 25 جولاءِ تي سندس نمبر بند ٿي ويو، هڪ هفتي کانپوءِ ڪالهه سندس نمبر تان ڪال آئي، جنهن ۾ هن روئيندي ٻڌايو ته مونکي ڌاڙيلن اغوا ڪيو آهي، جنهن بعد ڌاڙيلن پاران ڳالهايو ويو، ڌاڙيلن پاران  نوجوان صالح محمد جي بازيابي لاءِ 50 لک رپيا طلب ڪيا ويا، هن چيو ته صالح گهگهر ويجهو اينگرو فرٽيلائيزر فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندو آهي، جڏهن ته گهر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو آهي ۽ سندس پگهار 15 هزار روپيه آهي جيڪا پنهنجي پيٽ ۾ به پوري ناهي، هن سوٽ جي بازيابي جو مطالبو ڪيو