ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) پيرسني واري عمر ۾ اولاد جي سهاري بڻجڻ جا خواب ڏسندڙ ڌانداري واسڻ پيرسن ماءُ پنهنجي گھر جي 7 جوان پٽن ۽ ڌيئرن جي معذورهجڻ ڪري پنهنجي پيرسني ۾اولاد  جي سورن کي ڏسندي پاڻي ئي انهن معذورن جو سهارو بڻجي وئي آهي . ٺٽي جي تعلقي گھوڙاٻاري جي سامونڊي شهر ڌانداري جي ڳوٺ سارنگ جت جي رهواسي کمون جت جي وفات بعد 65 ورهين جي ٻڍڙي ماءُ سڪينه جت هڪ ئي وقت پنهنجي جوان 4 پٽن عثمان، عبدالڪريم، عبدالعزيز ، مولا بخش جت ۽ 3 جوان ڌيئرن فاطمه ، نورجھان ۽ نور سميت 7 ڄڻن جي 30 سال کان هلڻ ڦرڻ جي سگهه نه هجڻ ڪري معذوري واري زندگي گھاريندڙ پنهنجي جوان اولاد جو وڏي عمر ۾ ئي انهن جو آخري سهارو بڻجي پنهنجي زندگي جي پوئين پساھن هوندي اولاد جي جيئاپي جي جنگ وڙهي رهي آهي. “پنهنجي اخبار” سان جوان 7 پٽن ۽ ڌيئرن جي پيرسن امڙ سڪينه جت سور اوريندي چيو ته هن جي زندگي هن وقت انتهائي ڏکي گذري رهي آهي ڇاڪاڻ جو سندس گھر وارو کمون جت 20 سال اڳ وفات ڪري ويو. ۽ ان جي وفات بعد سندس اولاد عمر جي بلوغت واري حصي ۾ اچڻ بعد آهستي آهستي هلڻ ڦرڻ واري سگهه کان محروم ٿي معذوري جو شڪار ٿي ويا آهن. هن چيو ته سندن گھر سکيو ستابو هيو ۽ هن جو سهرو سارنگ جت جنهن جي نالي ڳوٺ آهي اهو ڳوٺ جو نيڪ مرد هجڻ سان گڏ شاھ جو پڻ پارکو هو.  هن چيو ته سندس گھر واري کمون جت جي وفات بعد هو گذريل 25 سالن کان جڏهن هن جو نوجوان اولاد آهستي آهستي معذوري ۾ مبتلا ٿيڻ شروع ٿي ۽ انهي وقت کان وٺي هن مهل تائين هوءَ انتهائي سورن واري زندگي گھاري رهي آهيان. هن چيو ته سندس 7 ئي ڌيئرون ۽ پٽ مڱايل هئا پر انهن جي معذوري بعد ان جي ڌيئرن ۽ پٽن جا نڪاح ٽٽي ويا آهن هن روئيندي اهو به چيو ته هڪ بيواھ ۽ ٻيو سندس اولاد معذور بڻجي وئي رهيو ته هن جو ڪمائڻ ۽ معذور اولاد جي سار لهڻ وارو ڪوئي سهارو نه هو ته هن پنهنجي ڳوٺ جي پاڙي وارن وٽ وڃي عرض ڪري نينگر کي گود وٺي ان کي پٽ ڪري پاليو آهي جنهن جي شادي ڪرائي آهي جيڪو سمورن سٽيل گھر ڀاتين جو ڪجھ سهارو آهي هن چيو ته هن وقت سندس وڏي پٽ جي عمر 45 سال ۽ آخري ننڍي پٽ جي عمر 25 سال آهي جيڪي هلڻ ڦرڻ واري سگهه کان محروم آهي هن چيو ته جڏهن هوءَ گھر ۾ پنهنجي جوان پٽن ۽ ڌيئرن کي هڪ ئي جاءِ تي پٽ تي سرندو ڏسندي آهي ته سندن جيءُ جھري پوندو آهي ڄڻ هوءُ پنهنجي جوان اولاد جي تڪليفن کي ڏسي روزانو جئي ٿي مري ٿي هن چيو ته 25 سالن کان سندس نوجوان اولاد تڪليفن کي منهن ڏئي رهي آهي.  جڏهن ته ان موقعي تي معذوري جي ور چڙهيل پٽن عثمان ، عبدالڪريم ، مولا بخش ۽ غزيز جت پڻ پنهنجا اوريندي چيو ته هو صحتمند هئا اسڪول ۾ پڙهڻ سان گڏ پنهنجي دوستن سان ڪرڪيٽ راند کيڏندا هيا پر کين بخار آيو ۽ ائين هنن جي ڄنگهن جي چرڻ ڦرڻ نه ڪري هو معذور بڻجي هڪ جاءِ تائين محدود ٿي ويا آهن هنن چيو ته سردين توڙي گرمين ۾ هنن جي انتهائي ڏکي زندگي گذرندي آهي هنن جو سواءِ الله جي ٻيو ڪوئي سهارو ناهي جو هنن جو علاج ڪرائي جڏهن ته ان موقعي پيرسن ماءَ بيواھ سڪينه جت ۽ ان جي معذور پٽن سنڌ سرڪار کان پڻ مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري سطح تي سندن علاج ڪرائڻ سان گڏ کين معذور واري ڪوٽا مان نوڪريون ڏنيون وڃن ته جيئن هو ڏکن واري زندگي مان نجات حاصل ڪري بهتر زندگي گذاري سگھن .