گھوڙاٻاري (ن پ ا) ورشھر ڀرسان ڳوٺ علي گوھر چانڊيو جي رھواسي مولا بخش چانڊيو نيشنل بينڪ ورشھر جي مئنيجر عبدالخالق ميمڻ ۽ پرائمري اسڪول جي رٽائر استاد نورحسن خواجا خلاف گھوڙاٻاري ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته ڄاڻايل ماڻهن 6 مھينا اڳ بينڪ مان ڪار وٺرائي ڏيڻ لاءِ 6 لک 18 ھزار رپيا روڪ ورتا پر ڇھن مھينن جو عرصو گذري وڃڻ جي باوجود نه ڪار ملي ۽ نه وري ورتل رقم واپس ڪئي وئي. هوڏانهن گهوڙاٻاري پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.