گھوڙاٻاري (ن پ ا) درگاھ سلطان شاھ عالم پير پٺي جو ميلو  پير عار جي پٽن  تعلقي گھوڙاٻاري  ۾ پڄاڻي تي پھتو، ميلي ۾ ملھه پھلوانن  رزاق ملاح، غلام نبي شيدي، ٽريڪٽر شيدي، سونو چانڊو، لطيف خشڪ،  ڪوش پٺاڻ ،حليم پٺاڻ، خانو شورو ، خالد جمالي ، راحب شيدي ، سجاد راھوڪڙو ، صدام ملاح ،  صدام شيدي سميت ٻين پھلوانن  وچ ۾ دلچسپ مقابلا ٿيا،  ميلي ۾  ايندڙ ماڻهن پاران ملھه  ۾ حصو وٺندڙ پھلوانن کي خوب داد ڏنو  ۽ کين ڪيش انعامن سان نوازيو ويو، ، جڏھن ته  ڀلن ڍڳن جي گوءِ   جا پڻ دلچسپ مقابلا ڪيا ويا،  گوء  ۾ ڏھن کان مٿي ڍڳن جي جوڙين ڊوڙ ۾ حصو ورتو، جنھن ۾ موسی شيدي ، مريد زنگياڻي،  نواز ملاح ، ابراھيم ٽيمڙو ، احمد جاڙو ، مصري زنگياڻي ۽نور محمد مينڌرو جا ڍڳا گوء ۾ ڪامياب ٿي ويا، پھرين جوڙ  جي نواز ملاح بدين،  پپو گجر ور شھر جي ڍڳن وچ ۾  آخري  وڏي انعام تي مقابلو رکيل ھو جنھن ۾ نواز ملاح جي ڍڳن گوء  ۾ ڪاميابي ماڻي انعام حاصل ڪري ورتو.