ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) شادي جي تقريبن دوران گهوٽ ۽ ڪنوار جي خواهش هوندي آهي ته هنن جي شادي يادگار رهي ۽ ان لاءِ اهي فوٽو شوٽ ڪرائيندا آهن جنهن لاءِ فوٽو گرافرز کي گهرايو ويندو آهي. پر سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گهوٽ ڪنوار شادي کان اڳ ڪابه فوٽو شوٽ نٿا ڪرائين بلڪه حيران ڪندڙ طور تي ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ شوٽنگ ڪري رهيا آهن. وائرل وڊيو کي هن وقت تائين لکين واهپيدار ڏسي چڪا آهن ۽ دعويٰ ڪري رهيا آهن ته گهوٽ هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. وڊيو کي ٽوئٽر تي بيسٽ آف دي بيسٽ نالي پيج تان شيئر ڪيو ويو آهي ۽ لکيو ويو آهي ته شاديءَ کان اڳ جي شوٽنگز. وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ گاڏي بيٺل آهي جڏهن ته گهوٽ ۽ ڪنوار موٽرسائيڪل تي ويٺل آهن ۽ هنن جي بائيڪ کي هوا ۾ اڏندي گاڏيءَ جي ٻئي طرف وڃڻو آهي. پر ان لاءِ ڪافي احتياط ڪئي وئي موٽرسائيڪل کي ٻڌڻ سميت ڪرين ذريعي گهوٽ ۽ ڪنوار کي گاڏيءَ جي ٻئي طرف پهچائي شوٽنگ کي ڪامياب بڻايو ويو. ان حيران ڪندڙ ڪرتب تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان دلچسپ تبصرا ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.