گهوٽ پئسا ڳڻڻ ۾ ناڪام، ڪنوار پاران شاديءَ کان انڪار

0
919
چار ڀائرن اڪيلي ڀيڻ کي ڏاج ڏيڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا
چار ڀائرن اڪيلي ڀيڻ کي ڏاج ڏيڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا

اترپرديش(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست اترپرديش ۾ ڪنوار انوکو جواز ڄاڻائي شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اتر پرديش جي شهر فرخ آباد ۾ 21 سالن جي ڪنوار ريتا سنگهه شاديءَ ڏينهن شاديءَ کان انڪار صرف ان لاءِ ڪري ڇڏيو ڇو ته گهوٽ 10 رپين جا 30 نوٽ نه ڳڻي سگهيو

رپورٽن موجب ٿيو ڪجهه هيئن جو شاديءَ جي رسمن وچ ۾ پنڊت کي گهوٽ جو رويو ڪجهه نامناسب لڳو جنهن تي هن فوري طور تي ڪنوار جي گهر وارن کي خبردار ڪيو. جڏهن ڪنواريتن گهوٽ جي گهر وارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ته ڦيرن دوران جهيڙو ٿي پيو جنهن کانپوءِ ڪنوار اتان اٿي هلي وئي، جنهن کانپوءِ ريتا جي گهر وارن 23 سالن جي گهوٽ جو ٽيسٽ وٺڻ جو سوچيو ۽ هنن گهوٽ کي 10 رپين جا 30 نوٽ ڏنا ۽ ڳڻڻ لاءِ چيو پر ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪرڻ کانپوءِ به گهوٽ اهي 30 نوٽ نه ڳڻي سگهيو

جنهن تي ڪنواريتن گهوٽ کي دماغي طور تي ڪمزور قرار ڏنو ۽ شاديءَ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڪنواريتن ٻڌايو ته اسان کي پهريان گهوٽ جي دماغ صحت بابت علم نه هو، جيئن ته هاڻي علم ٿي چڪو آهي ان لاءِ ريتا شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ڌ

هي به پڙهندا

پسند شادي نه ٿيڻ تي آپگهات ڪندڙ جوڙي جي مجسمن جي شادي