گهوٽ جو ڏاج چوري، شادي ملتوي: ڌرڻي جو چتاءُ

0
293
گهوٽ جو ڏاج چوري، شادي ملتوي: ڌرڻي جو چتاءُ
گهوٽ جو ڏاج چوري، شادي ملتوي: ڌرڻي جو چتاءُ

ٺاروشاھ جي نواب ڪالوني مان گهوٽ جي ڏاج جو سامان ۽ سون چوري ٿي ويو

نواب ڪالوني ۾ رهندڙ پورهيت رمضان چنا جي پٽ جو شادي ڪاڄ رولڙي جو شڪار ٿي ويو
پورهيت رمضان چنا صحافين کي روئيندي ٻڌايو ته پٽ عمران چنا جي شادي جو ڏاج ۽ ڪنوار لاء سون وٺي گهر ۾ رکيو هو، اڄ گهر کي تالو ڏئي نوشھروفيروز ڪنواريتن ڏانهن شادي جي تاريخ ٻڌڻ وياسين ته پويان ڏاج چوري ٿي ويو
هن ٻڌايو ته مان مسجد ۾ پيش امام آھيان، اوڌارا پيسا وٺي پٽ جي شادي لاءِ ڏاج جو سامان ورتو هو، سو به چوري ٿي ويو
ڏاج چوري ٿيڻ سبب شادي في الحال ملتوي ٿي وئي، گهوٽ به لڙڪ لاڙي ويٺو، گهوٽ ۽ سندس گهر ڀاتين چوري واقعي خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي