گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ۾ ڳوٺ جانڻ واسو جي رهواسين امان الله واسو، حبيب الله واسو، عبدالخالق، فقير محمد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت آڏو احتجاج ڪندي چيو ته فهميده نالي عورت بليڪ ميل ڪري اسان مٿان ڪيس داخل ڪرايو آهي. هنن چيو ته آندل سندراڻي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد سياسي ماڻهن جي چوڻ تي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. اڳ به ساڳئي عورت هميده اسان مٿان ڪيس داخل ڪرايو هو جيڪو انڪوائري ۾ ڪوڙو ثابت ٿيو، واضح رهي ته فهميده آندل سندراڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڄاڻايل جوابدارن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.