گهوٽڪي (رپورٽر) ڳوٺ جانڻ واسو جي رهواسين درگاهي واسو، نظير احمد واسو، رمضان واسو، منظور واسو صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته جرڳائي وڏيرن امان الله واسو، حبيب الله واسو، فقير محمد واسو ۽ ٻين جرڳو ڪري 55 لک ڏنڊ وڌو هو، جرڳائي وڏيرا ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، رستو به بند ڪيو ويو آهي،بيمار ٻارڙن کي اسپتال به نٿا کڻي وڃون، نوٽيس وٺي جرڳائي وڏيرن امان الله واسو، حبيب الله واسو،فقير محمد واسو کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.