گهوٽڪي ۾ ٻيلي کاتي جي هزارين ايڪڙ زمين تي قبضي جو انڪشاف

0
182
گهوٽڪي ۾ ٻيلي کاتي جي

گهوٽڪي ۾ ٻيلي کاتي جي هزارين ايڪڙ زمين تي قبضي ۽ قيمتي وڻن جي واڍي جو انڪشاف ٿيو آهي

ڊي ايف او موجب بااثرن ٻيلي کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان هزارين  ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري وڻ وڍرائي ڇڏيا

ڊي ايف او قبضي ۽ وڻن جي واڍي ۾ ملوث عملي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

ڊي ايف او موجب 13هزار ايڪڙ تي مشتمل عادلپور ٻيلي جي چوڪڙي نمبر72،73،86،87تي قبضو ڪيو ويو آهي

هن ٻڌايو ته شوڪاز نوٽيس جاري ٿيلن ۾ پهلوان مهر، احمد علي ڪلهوڙو، ارشاد قاضي، عبدالله فتاح، شاهد ميراڻي ۽ ٻيا شامل آهن

ڊي ايف او موجب قبضي بابت رپورٽ ملي آهي، جاچ لاءِ رينج فاريسٽ آفيسر جي سربراهي ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي آهي

ھي به پڙھندا

اينٽي ڪرپشن جي ٽيم پاران ڊي سي هائوس مٽياري تي ڇاپي دوران 13 لک روپيا هٿ ڪرڻ جو انڪشاف

موٽر وي اسڪينڊل: نيب سکر جي ٽيم پاران نوشهروفيروز ۾ سنڌ بينڪ جي برانچ تي ڇاپو