گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ مڪاني چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون، پ پ ۽ مهر گروپ جي اڳواڻن پاران هڪ  ٻئي تي الزام، ايم پي اي راجا مهر پ پ جي محمد اسماعيل ڌانڌو ۽ سليم ڪلوڙ کي پنهنجو  منشي قرار  ڏئي ڇڏيو، يوسي ٻنڌ جي چيئرمين اختر سنگھڙ کي اليڪشن ۾ شڪست ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. خبر موجب گهوٽڪي ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، جڏهن ته مهر گروپ ۽ پ پ جي نامزد اميدوارن پاران هڪ ٻئي مٿان مختلف قسم جا الزام هڻڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ پ پ جي ناراض ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مهر مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هميشه گهوٽڪي واسين کي عزت ڏني آهي، اسان عزت ڏيڻ ۽ وٺڻ وارن مان آهيون. جي يو آءِ جي اڳواڻن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، انهن سان اتحاد ٿي ويندو، 26 جون تي مهر گروپ کي ڪاميابي ملندي. هن چيو ته پ پ سان واڳيل اسماعيل ڌانڌو ۽ سليم ڪلوڙ اسان سان گڏ هجڻ دوران منشيءَ طور ڪم ڪندا هئا. اختر سنگھڙ جي به ڪا حيثيت ناهي. هوڏانهن يوسي ٻنڌ  تي پ پ جي چيئرمين جي اميدوار اختر سنگھڙ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته راجا مهر سازشي آهي، هن هميشه گهوٽڪي جي عوام سان سازش ڪئي آهي ۽ عوام کي ويڙهايو آهي. ايندڙ عام اليڪشن ۾ ڄام اڪرام الله ڌاريجي جي قيادت ۾ هن کي گهوٽڪي مان تڙي ڪڍندا سين.