گهوٽڪي ۾ لاش دفنائڻ تان جهيڙو، عدالت آڏو لاش رکي ڌرڻو

0
206
گهوٽڪي ۾ لاش دفنائڻ

گهوٽڪي (ن پ ا) گهوٽڪي ۾ لاش دفنائڻ جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، متاثر ڌر پارا عدالت آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو

گهوٽڪي شهر جي ميمڻ محلي جا رهواسي خاڪي شاه قبرستان ۾ لاش دفنائڻ لاءِ پهتا ته ٻئي ڌر جي ماڻهن اهو چئي لاش دفنائڻ کان روڪيو ته علم هيٺان لاش اوهان نه دفنايو جنهن تان جهيڙو ٿي پيو

جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب قائم علي سومرو سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو

ميمڻ برادري جي ماڻهن سليمان ميمڻ، قربان ميمڻ ۽ ٻين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ٻاهران لاش رکي احتجاج ڪيو، احتجاج واري هنڌ ڊي ايس پي گهوٽڪي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو