گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ گلڻ لغاري جي رهواسي قربان لغاري جي درخواست تي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت زمين تي ڪيل قبضو ختم ڪرائي مالڪ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم تي پوليس روينيو جي عملي کي ساڻ ڪري قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ زمين تي پهتي، پوليس پهچڻ تي ٻنهي ڌرين جا وڏي تعداد ۾ ماڻهون لٺيون کڻي پهچي ويا ۽ پوليس جي موجودگي ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهون پاڻ ۾ اٽڪي پيا، پوليس جهيڙو ٽارڻ لاءِ ڌرين جي ماڻهو کي پاسي ڪيو، ان موقعي تي درخواستگذار قربان علي لغاري ٻڌايو ته ايس ايچ او اسلم لغاري،رحيم لغاري ۽ ٻين زمين تي قبضو ڪيو آهي ۽ هاڻ قبضو عدالتي حڪم تي به خالي نٿا ڪن، پوليس جي موجودگي ۾ قبضاگيرن اسان مٿان حملو ڪيو آهي، ٻي طرف الزام هيٺ آيل ايس ايچ او اسلم لغاري ۽ رحيم لغاري جو چوڻ هو ڄاڻايل زمين جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، گهوٽڪي جي عدالت ڪيئن فيصلو ڏنو آهي، هوڏانهن عدالتي حڪم تي قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ پهتل پوليس قبضو ختم ڪرائڻ بغير واپس روائي ٿي وئي.