گهوٽڪي (ن پ ا) اليڪشن ڪميشن آفيس گهوٽڪي ۾ اليڪشن آفيسر ۽  عملي سان جهيڙو ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جو 3 آزاد اميدوارن اشوڪ ڪمار ڊسٽرڪٽ بار جي اڳوڻي صدر وڪيل صدام چند وڪيل واحد بخش ڀٽو وڪيل ثناء اللّه مهر ۽ 8 اڻڃاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالت 4ڄڻن جي 30-30 هزار رپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، هوڏانهن وڪيلن سومر ڏينهن ضلعي جي سموري عدالتن اندر ھڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.